احتساب عدالت آصف زرداري خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد: احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف  زرداري خلاف جعلي بينڪ اڪائونٽس جو هڪ ٻيو ريفرنس عدالتي اختيار نه هجڻ تي نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير عدالتي اختيار نه هجڻ تي چار ريفرنسز نيب ڏانهن واپس ڪري ڇڏيا جن ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري خاف هڪ ريفرنس به شامل آهي.

آصف زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌڻي دوران دليل ڏنا ته نيب قانون ۾ ترميم کان پوءِ اهو ريفرنس عدالت جي اختيار ۾ نٿو اچي ان ڪري احتساب عدالت ريفرنسز تي ٽرائل نٿي هلائي سگهي.

عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، حسين لوائي ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه منظور قادر ۽ ٻين جوابدارن خلاف پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس بلال شخ ۽ ٻين خلاف سنڌ بينڪ ريفرنس جڏهن ته جعلي بينڪ اڪائونس جو پنڪ ريزيڊنسي ريفرنس به نيب ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔