الله جي رضا ۽ عوام خاطر سڀ ڪجهه برداشت ڪري رهيا آهيون: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته اسان سڀ ڪجهه الله جي رضا ۽ عوام خاطر برداشت ڪري  رهيا آهيون. اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون پر اها هستي پنهنجو ڪم ڪندي آهي. جنهن اوهان کي وضاحت ڪرڻ جو چيو آهي ان کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان جي دل صاف آهي.

پنجاب ۾ چونڊن بابت چيف جسٽس جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي جي شروعات ٿي ته اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿي دليل ڏيندي چيو ته گذريل ڏينهن چيو هو ته اليڪشن ڪميشن جا اٿاريل نڪتا اڳ ڇو نه اٿاريا ويا هئا. هڪ صوبي ۾ چونڊون ٿين ته قومي اسيمبلي جون چونڊون متاثر ٿيڻ جو نڪتو اٿاريو ويو هو. پنهنجي جواب ۾ 3-4 جي فيصلي هجڻ جو به ذڪر ڪيو هو.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي ڊڄڻ نه گهرجي. عدالت اوهان جي ٻڌڻي لاءِ ويٺل آهي. اوهان پنهنجن ماڻهن کي چئو ايوان ۾ سخت ڳالهيون نه ڪن. اسان جي ڪابه شيءَ صحيح طريقي سان رپورٽ ناهي ٿي. چيو ويو ته عمران خان کي عدالت مرسڊيز ڏني هئي، مان ته مرسڊيز استعمال ئي ناهيان ڪندو. عمران خان جي مرسڊيز جو بندوبست پوليس طرفان ڪيو ويو هو. پر ان ڳالهه کي خبر ناهي ڇا کان ڇا بنايو ويو.

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن صدر کي هڪ ڏينهن ۾ چونڊن جو مشورو ڇو نه ڏنو. صدر عارف علوي کي 218 ٿري جو به نه ٻڌايو ويو نه ئي 1970 جي چونڊن جو. اليڪشن ڪميشن صدر کي سيڪيورٽي جو به نه ٻڌايو نه ئي فنڊز جو. صدر کي اها صورتحال نه ٻڌائي وئي جيڪا هاڻ عدالت کي ٻڌائي رهيا آهن. زميني حالتن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ 218 ٿري جي تحت وڌيڪ اختيار گهريا پيا وڃن. آئين اختيار ڏئي ٿو ته ان کي استعمال ڪرڻ کان اڳ اکيون ۽ ذهن به کولي رکو.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته تلور جي شڪار واري ڪيس ۾ به عدالت فيصلي تي نظرثاني ڪئي، 16 هزار ملازمن جي ڪيس ۾ به نظرثاني رد ٿي، عدالت پوءِ به 184 ٿري ۽ 187 جا اختيار استعمال ڪيا. ججز ڪيس ۾ به عدالت پنهنجو فيصلو پاڻ تبديل ڪيو. چيف جسٽس چيو ته عدالت ججز ڪيس ۾ سوموٽو تي نظرثاني ڪئي هئي.

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن چيو هو ته سيڪيورٽي ۽ فنڊز ملندا ته چونڊون ڪرائينداسين. هاڻ هنن نڪتن جي ڪهڙي قانوني حيثيت آهي؟ عدالت اميد ڪري ٿي ته لاڳاپيل قانوني حوالا به ڏنا ويندا. عدالت 2 منٽن ۾ فيصلو ڪري سگهي ٿي. نظرثاني اپيل رد به ٿي سگهي ٿي. سولائي سان چئي سگهون ٿا ته اوهان سواري مس ڪري ڇڏي پر عدالت قانوني نڪتن کي ٻڌي فيصلو ڪرڻ چاهي ٿي. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي بااختيار بنائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. جنهن کان پوءِ عدالت پنجاب ۾ چونڊن تي اليڪشن ڪميشن نظرثاني درخواست سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔