گرفتاري کان بچي ويل پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو

اسلام آباد: گرفتاري کان بچي ويل پي ٽي آءِ اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اسلام آباد پوليس طرفان گهرو وزارت کي باقاعده درخواست اماڻي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته جوابدار گرفتاري کان بچڻ لاءِ ملڪ مان فرار ٿي سگهن ٿا. سندن نالا اي سي ايل ۾ وجهي جوابدارن کي پرڏيهه فرار ٿيڻ کان روڪيو وڃي. جوابدارن خلاف اسلام آباد جي کهنه ٿاڻي جي پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل آهن.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم اين اي صائمه نديم کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو هو. جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي صائمه نديم کي پرڏيهي اڏام مان لاٿو ويو هو.

صائمه نديم پرڏيهي ايئر لائين جي اڏام ذريعي ٽورنٽو وڃي رهي هئي. ايف آءِ اي اڏام جي وڃڻ تائين صائمه نديم کي انٽرنيشنل ڊيپارچر ۾ روڪي رکيو هو. صائمه نديم کي ايئرپورٽ پوليس منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ پي ٽي آءِ قيادت جي فهرست  موجود آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔