فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙ عورتن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو: محسن نقوي

لاهور: (ڇنڇر: پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته فوجي ٺڪاڻن تي حملن ۾ ملوث عورتن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو.

وڏي وزير جي ترجمان موجب پنجاب ۾ 9 مئي واقعي جا 138 ڪيس داخل ٿيل آهن جن ۾ 500 کان وڌيڪ عورتون گهربل آهن. جناح هائوس جي اندر ۽ ٻاهر موجود عورتن جي پاڻ گرفتاري ڏيڻ جي صورت ۾ رعايت ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته فوجي ٺڪاڻن تي حملن ۾ ملوث عورتن کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو. ملوث عورتون ڪنهن به رعايت جون مستحق نه آهن. حسن نقوي هدايت ڪئي آهي ته گهربل عورتن کي مرد پوليس اهلڪار گرفتار نه ڪندا انهن ڪيسن ۾ ملوث عورتن جي گرفتاري ليڊيز پوليس يقيني بنائيندي.  دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيسن ۾ شامل عورتن کي به گرفتار ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔