جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قافلي تي آپگهاتي حملو

بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قافلي تي آپگهاتي حملو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته سراج الحق محفوظ رهيو

پوليس موجب جماعت اسلامي جو امير سراج الحق جلسي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته سندس قافلي ۾ آپگهاتي حملو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿيا آهن

جماعت اسلامي جي ترجمان موجب آپگهاتي بمبار قافلي جي ڀرسان پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، واقعي بعد فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔