ڪراچي مان گرفتار ٿيل عمران اسماعيل کي ڊسٽرڪٽ جيل شڪارپور اماڻڻ جو فيصلو

ڪراچي: (ڇنڇر: ڪراچي ۾ گرفتار ٿيل سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ عمران اسماعيل کي ڊسٽرڪٽ جيل شڪارپور اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي گهرو وزارت موجب عمران اسماعيل ڀڃ ڊاهه، گهيراءُ ۽ روڊ بند ڪرڻ جي لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪايو، جڏهن ته ملڪ ۽ قوم جي جان، مال کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

ياد رهي ته عمران اسماعيل کي گذريل رات ڊفينس فيز 8 ويجهو گرفتار ڪيو ويو هو. ذريعن موجب عمران اسماعيل کي ڪراچي ۾ دهشتگردي جي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. اڳوڻي گورنر خلاف ٽيپو سلطان ۽ فيز آباد ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن.

عمران اسماعيل کان اڳ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، فواد چوڌري، شيرين مزاري، فردوس شميم نقوي ۽ علي زيدي سميت ڪيترائي ٻيا اڳواڻ شامل به آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي کي جيڪب آباد جڏهن ته فردوس شميم نقوي کي سکر جيل منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔