آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل: نيب وزيراعظم شهباز شريف کي بي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو(نيب) وزيراعظم شهباز شريف کي آشيانه هائوسنگ اسڪيم جي اسڪينڊل ۾ بي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

نيب رپورٽ موجب آشيانه هائوسنگ اسڪيم جي ٺيڪن ۾ بدعنواني جا ڪي به ثبوت ناهن ملي سگهيا. سرڪاري ناڻي کي نقصان نه پهتو آهي، نه ئي وري شهباز شريف کي فائدا حاصل ڪيا آهن.

نيب موجب آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ شهباز شريف خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال جا ڪي به ثبوت ناهن مليا. هن معاملي ۾ شهباز شريف خلاف بدنيتي جو ڪوبه رخ ثابت ناهي ٿي سگهيو.

نيب چيو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته سرڪاري ناڻي کي نقصان نه ٿيو آهي. نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪامران ڪياني به سرڪاري ناڻي کي نقصان نه پهچايو آهي ۽ نه ئي فواد حسن فواد ٺيڪو ڏيارڻ جي لاءِ رشوت ورتي. نيب موجب شهباز شريف آشيانه هائوسنگ اسڪيم جو معاملو قانون موجب اينٽي ڪرپشن ڏانهن اماڻيو هو.

نيب سفارش ڪئي آهي ته احتساب عدالت قانون موجب شهباز شريف جي بريت واري درخواست تي فيصلو ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔