موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: موسميات کاتي ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ ٻن کان 3 ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف ميداني علائقن ۾ ڏينهن جي وقت گرمي پد معمول کان 02 کان 04 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد موهن جو دڙو ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو. ان کان علاوه دادو، جيڪب آباد، سکر، روهڙي ۽ سڪرنڊ ۾ 44، نوابشاهه سبي ۾ 43، بهاوالپور، ڊيره اسماعيل خان ۾ 40، لاهور، پشاور، سرگودها، اٽڪ، ساهيوال ۾ 38 سينٽي گريڊ رهيو. موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ 37، اسلام آباد ۾ 36، مظفر آباد ۾ 35، ڪوئٽه ۾ 33، گلگت ۾ 31 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔