شهيدن جي  يادگارن جي بي حرمتي برداشت نه ڪبي: آرمي چيف جنرل عاصم منير

آرمي چيف جنرل عاصم منير سيالڪوٽ گيريزن جو دورو ڪيو آهي، جنهن دوران کيس برينفگ ڏني وئي آهي

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير  طرفان سيالڪوٽ گيريزن جو دورو ڪيو

آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي به شهيدن جي  يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ نه ڏني ويندي ، شهيدَ جوان، پاڪ فوج ۽ قانون  لاڳو ڪندڙ ادارن لاءِ فخر جو سبب آهن

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم  منير شهيدن جي يادگارن تي گل رکيا، آرمي چيف چيو ته منصوبابندي سان ڪيل  واقعن جي ٻيهر اجازت نه  ڏني ويندي

آرمي چيف پاران قوم جي عظمت،  عزت ۽ وقار لاءِ شهيدن جي  قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔