فواد کانپوءِ علي زيدي به فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي مذمت ڪري ڇڏي

فواد چوڌري کانپوءِ علي زيدي به فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي مذمت ڪري ڇڏي

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملي تي دلي صدمو رسيو، فوج اسان مان آهي ۽ اسان فوج مان آهيون

هن چيو ته جناح هائوس ۾ ڪيل ڀڃ ڊاهه جي مذمت ڪيان ٿو، ڪير به دٻاءُ وجهي پارٽي ڇڏرائي نه ٿو سگهي

 علي زيدي پارٽي ڇڏڻ وارن افواهن ۽ پارٽي اندر اختلافن جو ذڪر ڪندي روئڻهارڪو ٿي ويو

علي زيدي چيو ته پي ٽي آءِ ان ڏينهن ڇڏيندس جنهن ڏينهن عمران خان ڇڏيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔