عدالت فردوس نقوي سميت 51 جوابدارن کي جوڊيشنل ريمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: دهشتگردي جي انت واري عدالت پرتشدد مظاهرن جي الزام هيٺ تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس شميم نقوي سميت 51 جوابدارن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت پوليس اختيارين کي فردوس شميم نقوي جي ميڊيڪل بابت درخواست تي جيل ۾ طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم به جاري ڪيو

عدالت نرسري تي رينجرز چوڪي کي باهه ڏيندڙ پيءُ پٽ جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي. جاچ آفيسر  عدالت کي ٻڌايو ته  ٻنهي پيءَ پٽن کان 164 جو بيان قلمبند ڪرائڻو آهي.

ٻئي طرف شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي جي ڪيس ۾ 22 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ضمانت واري درخواست تي فيصلو خميس تي ٻڌائڻ جو امڪان آهي.

لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت گلبرگ ۽ مغلپوره پوليس طرفان پيش ڪيل تحريڪ انصاف جي 29 ڪارڪنن کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ جيل اماڻيو. اي ٽي سي جج عبهر گل خان پوليس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔