جبل چاڙهو نائلا ڪياني کي ستاره امتياز ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد : وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايوريسٽ سر ڪندڙ ٻي پاڪستاني جبل چاڙهو عورت نائلا ڪياني کي ستاره امتياز ڏيڻ جي منظوري ڏني آھي، نائلا ڪياني کي ستاره امتياز ڏيڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وزيراعظم آفيس ڪابينا سيڪريٽريٽ کي باضابطا ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪندڙ نائلا ڪياني جي لاءِ ستاره امتياز جي اعزاز جو اعلان ڪيو هو. واضح رهي ته ثمينه بيگ پهرين پاڪستاني عورت هئي جنهن 2013ع ۾ مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔