موسميات کاتي ملڪ جي مختلف حصن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: موسميات کاتي ايندڙ 2 ڏينهن دوران ملڪ جي مٿين ۽ وچين علائقن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي موجب 16 مئي کان اولهه هوائون ملڪ جي مٿين ۽ وچين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب آنڌاري ۽ برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 17 ۽ 18 مئي دوران آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ مختلف هنڌن تي کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته پشاور، چارسدا، نوشهرا، صوابي، مردان، ڪوهاٽ، باجوڙ، ڪرم ۽ وزيرستان ۾ به مينهن وسندو.
موسميات کاتي موجب اسلام آباد، مري، گليات، راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، سيالڪوٽ، گجرات، نارووال، گوجرانوالا ۾ به برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته فيصل آباد، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، جهنگ، قصور، شيخوپورا، خوشاب، اوڪاڙا ۽ لاهور ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 16 ۽ 17 مئي دوران بلوچستان، ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ جي مٿين علائقن ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔