نيب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ بشريٰ بي بي کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب) اسلام آباد القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو.

ذريعن موجب نيب جي 3 رڪني ٽيم القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ جاري ڪيل نوٽيس بشريٰ بي بي کي ڏيڻ جي لاءِ زمان پارڪ پهتي هئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي ٽيم 2 ڪلاڪ زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گهر ۾ موجود رهي جنهن کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم اهي نوٽيس وصول ڪندي.

ذريعن موجب نيب ٽيم لاڳيتو انتظار ڪرڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جي ليگل ٽيم سان نه ملي سگهي ۽ نوٽيس وصول ڪرائڻ کان سواءِ واپس هلي وئي. ذريعن موجب نيب جي ٽيم نوٽيس وصول ڪرائڻ ٻيهر زمان پارڪ ايندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔