پارليامينٽ جي توهين ڪندڙ جوابدار کي 6 مهينا قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ملندي

پارليامينٽ جي توهين ڪندڙ جوابدار کي 6 مهينا قيد ۽ 10 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ملندي: قومي اسيمبلي توهينِ پارليامينٽ بل 2023 جي متفقه طور منظوري ڏئي ڇڏي

قاعدن ۽ ضابطن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين راڻا محمد قاسم نون بل پيش ڪيو

بل ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ يا ان جي ڪنهن به ڪميٽيءَ جو استحقاق مجروح ڪرڻ تي هاڻي سزا ملندي

 تعليم واري وزير راڻا تنوير چيو ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي پر هتي جيڪو به ڪم ٿئي ٿو ان کي روڪيو وڃي ٿو، هر اداري جي توهين خلاف ڪو نه ڪو قانون آهي، پارليامينٽ جي توهين روڪڻ بابت ڪو به قانون نه هو، هن معاملي تي قانونسازي وقت جي اهم ضرورت هئي

هن کي به پڙهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔