راولپنڊي: القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي رڪارڊ سميت 24 مئي تي طلب ڪري ورتو.
ان حوالي سان ٽوئيٽر تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته نيب جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي به 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ عمران خان سان گڏ شامل آهي ڪري ڇڏيو آهي. شڪر آهي انهن مون کي 190 ملين پائونڊ جي قابل سمجهيو
شيخ رشيد چيو ته پوليس ڪيترن ئي ڏينهن کان لال حويلي ۽ منهنجي والده جي گهر تي ڇاپا هڻي رهي آهي پوليس کي چوڻ چاهيان ٿو ته گهرن ۾ داخل ٿيڻ دوران عورتن جي احترام کي آڏو رکيو وڃي. پاڪستان جون حالتون اڳ ئي خراب آهن جيستائين گرفتار نٿو ٿيان ڏينهن ۾ 2 ڀيرا ٽوئٽر استعمال ڪندس.
شيخ رشيد چيو ته پنهنجي جنگ آئين ۽ قانون موجب وڙهندس. سموري قوم کي خوشخبري ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته عدليه جي سوڀ ٿيندي. ڪجهه سئو ماڻهو ڪجهه ڪلاڪن جي گهيراءُ کان پوءِ خوار ٿي واپس هليا ويا. 15 جون کان اڳ فيصلا اچي ويندا. آئين ۽ قانون جي سوڀ ٿيندي. عدليه جي سوڀ ٿيندي. پاڪستان جي عوام کٽيندي، حق ۽ سچ جي سوڀ ٿيندي.
اڳوڻي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته جيل منهنجي ساهورن جو گهر آهي، منهنجو بسترو تيار آهي. 190 ملين پائونڊ ۾ شريڪ ڪرڻ تي نيب جو ٿورائتو آهيان.