سنڌ پوليس ۾ مقرريون ۽ پروموشنز ، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ پوليس ۾ ايس پي ۽ ڊي ايس پيز سطح جون مقرريون ۽ سب انسپيڪٽرز جا پروموشنز ٿيا آهن

تازو ترقي ماڻيندڙ ايس پي فرحت ڪمال خان کي ايڊيشنل آءِ جي پي ڪراچي رينج مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ڊي ايس پي چوڌري محمد ارشاد کي ايف آءِ اي ۾ هڪ سال ڊيپوٽيشن بنياد تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي

تازو سب انسپيڪٽر مان ترقي ماڻي انسپيڪٽر ٿيندڙ ٽن آفيسرن کي سي پي او ۾ مقرر ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو ويو آهي، محمد افضل، رانا ظفر اقبال ۽ جعفر حسين کي سب انسپيڪٽر مان ترقي ڏئي انسپيڪٽر ڪيو ويو آهي

آءِ جي سنڌ جي منظوري سان ترقين توڙي مقررين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔