ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس: 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪارروائي جو اعلان

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ خاص ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائل جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ خاص ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن وطن جي دفاع ۾ شهيد ٿيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فورم اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال ۽ سياسي مقصدن لاءِ پيدا ڪيل ڪجهه ڏينهن جي امن امان جي صورتحال جو گڏيل جائزو ورتو، جڏهن ته شهيدن جي تصويرن ۽ يادگارن جي بي حرمتي جي گڏيل منصوبي تي به بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب فورم جاري سياسي عدم استحڪام کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ قومي اتفاق راءِ ۽ عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔