ڪينسر جهڙو موتمار مرض تيزيءَ سان پکڙجڻ جو اهم ڪارڻ سامهون اچي ويو

سوئيڊن: ڪينسر سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ اهڙو مرض آهي، جنهن سان هر سال لکين ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا.
هاڻ ماهرن ڪينسر جهڙو موتمار مرض تيزيءَ سان پکڙجڻ جو وڏو سبب دريافت ڪيو آهي

جسماني وزن وڌڻ سان مختلف قسمن جي ڪينسر جو خطرو ضرور وڌي ويندو آهي.
تحقيق موجب جسم ۾ چرٻي جو مقدار وڌڻ سان ڪينسر جي مختلف قسمن جو خطرو وڌي ويندو آهي، ان تحقيق لاءِ لڳ ڀڳ 8 لک ماڻهن جي جسماني وزن ۽ ميٽابولڪ صحت جو جائزو ورتو ويو.
انهن ماڻهن کي ٿولهه جي مختلف قسمن کي نظر ۾ رکندي 6 گروپن ۾ ورهايو ويو، نتيجن سان خبر پئي ته ٿولهه جي نقصانڪار قسمن سان پتي، گڙدي ۽ معدي سان جڙيل عضون جي ڪينسر جو خطرو وڌندو آهي.
اهڙن ماڻهن ۾ جگر ۽ گڙدي جي ڪينسر جو خطرو ٻين جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ کان ٽيڻ تي هوندو آهي.
محققن اهو به ٻڌايو ته ٿولهه سان مردن ۾ ڪينسر جو خطرو عورتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي.
هنن چيو نتيجن سان خبر پئي ته ٿولهه ۽ ميٽابولڪ مسئلن تي ڪنٽرول ڪري ڪينسر جي روڪٿام ڪري سگهجي ٿي، خاص طور تي مردن کي ان حوالي سان وڌيڪ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل آف دي نيشنل ڪينسر انسٽيٽيوٽ ۾ ڇپيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔