عمران خان ڀڃ ڊاهه ۽ فائرنگ جو الزام ايجنسين تي مڙهي ڇڏيو

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پنهنجي گرفتاري تي ڀڃ ڊاهه ۽ ڪجهه جاين تي فائرنگ جو الزام ايجنسين تي لڳائي ڇڏيو.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ عمران خان چيو ته اسان وٽ ڪنهن به آزاد انڪوائري ۾ پيش ڪرڻ لاءِ گهڻيون شاهديون موجود آهن، جن سان اهو ثابت ٿيندو ته ڀڃ ڊاهه ۽ ڪجهه جاين تي فائرنگ ۾ ايجنسين جا اهلڪار ملوث هئا.

سندس موجب انهن افراتفري جو منصوبو جوڙيو ۽ ان جو الزام اسان تي هڻڻو هو ته جيئن جاري ڪريڪ ڊائون جو جواز هجي.
هن چيو ته مون کي اها منظم سازش نظر آئي آهي، جنهن تحت سرڪاري عمارتون، ڪور ڪمانڊر جو گهر ساڙيو ويو آهي، تخريبڪارن کي بندوقن سان وچ ۾ آندو ويو ۽ انهن ماڻهن کي شر ڏياريو، مون وٽ وڊيو ثبوت موجود آهن.
عمران خان چيو ته اقتدار ۾ ويٺل مافيا فائدو کنيو، منهنجي گرفتاري سان جيڪو ردعمل اچڻو هو، ان جو فائدو کڻندي سڄو ملبو پي ٽي آءِ تي وڌو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔