بگ بي وقت جو پابند، لفٽ وٺي سيٽ تي پهچي ويو

ممبئي:ممبئي جي ٽريفڪ کان تنگ اميتاڀ بچن فلمن جي سين کي حقيقت بڻائي ڇڏيو ۽ ٽريفڪ ۾ ڦاسڻ بعد هڪ اوپري ماڻهو کان لفٽ وٺي فلم جي سيٽ تي پهچي ويو. اميتاڀ بچن آچر واري ڏينهن شوٽنگ ختم ڪري سيٽ تان نڪتو ته رستي ۾ بدترين ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي پيو جنهن بعد هن روڊ تي موٽرسائيڪل تي ويٺل هڪ اوپري همراهه کان لفٽ گهري ۽ همراهه فوري طور ان تي راضي ٿي ويو ۽ کيس ممبئي جي مختلف روڊن کان ٿيندي وقت تي سيٽ تي پهچايو. بعد ۾ بالي ووڊ شهنشاهه ان همراهه سان گڏ ورتل تصوير انسٽاگرام تي شيئر ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته ” لفٽ ڏيڻ لاءِ مهرباني دوست!، مان اوهان کي نٿو سڃاڻان پر اوهان جي ڪري مان وقت سر ڪم واري جاءِ تي پهچي ويس“. اميتاڀ بچن جي اها تصوير سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي مداح دلچسپ تبصرا پڻ ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔