عوام جا فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ ويٺل ماڻهو نٿا ڪري سگهن: فضل الرحمان

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته فيصلو هن عمارت (سپريم ڪورٽ) ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهو نٿا ڪري سگهن، فيصلو پاڪستاني عوام ڪندو

اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته تعصب پرست جج عدالتي پوزيشن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري عوام جي عدالت سڌي ريت حاضر آهي

مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سندس پارٽي عدالتن جا ”انجنيئرڊ فيصلا“ ڪنهن به قيمت تي قبول نه ڪندي، سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ذميواريون پوريون ڪن ۽ عدليه کي خبردار ڪريون ٿا ته سياست کان پري رهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔