سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ سخت گرمي، ماڻهو گهرن تائين محدود

سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ سخت گرمي سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا ،ڪراچيءَ ۾ گرمي پد37ڊگري سينٽي گريڊ، دادو ۽ مٺي ۾ پارو 49 تائين پهچندو، ڪراچيءَ ۾ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو، دادو ۽ مٺي سج باهه وسائيندو ۽ پارو 49 تي پهچندو

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري، ڪراچيءَ ۾ گرمي  پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب  ۾ گرميءَ ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ  ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد  35 کان 37  ڊگري سينٽي گريڊ  تائين پهچندو، موسميات کاتي پاران دادو ۽  مٺيءَ ۾ گرمي پد 49 ڊگريءَ تائين  پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

موسيماتي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪب آباد، ڪشمور، سکر ۽  اتر سنڌ جا ٻيا علائقا پڻ گرم ترين  ڏينهن کي منهن ڏيندا، نوشهروفيرو، نوابشاهه ۽ آسپاس ۾  به سج ڪاني تائين لهي ايندو، ماڻهو غير ضروري گھرن کان ٻاهر نه نڪرن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔