بشريٰ بي بي جي حفاظتي ضمانت منظور: عدالت 23 مئي تائين گرفتاري کان روڪي ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي حفاظتي ضمانت 23 مئي تائين منظور ڪري ورتي.

اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري بشريٰ بي بي حفاظتي ضمانت جي لاءِ اڄ لاهور  هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي، عمران خان به بشريٰ بي بي سان گڏ لاهور هاءِ ڪورٽ پهتو

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ بشريٰ بي بي جي درخواست تي جسٽس شهباز رضوي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت حفاظتي ضمانت جي درخواست 23 مئي تائين منظور ڪندي نيب کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو آهي.

ان کان اڳ عدالت درخواستگذار، بشريٰ بي بي جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي حفاظتي ضمانت لاءِ خواجه حارث، انتظار پنجوتهه ۽ علي اعجاز بٽر جي حوالي سال درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ وفاقي حڪومت، نيب ۽ ٻين ڌر کي ڌر بنايو ويو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نيب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ جاچ شروع ڪئي آهي، نيب طرفان جاري جاچ غيرقانوني آهي. امڪان آهي ته نيب طرفان گرفتار ڪري سگهجي ٿو. درخواست ۾ عدالت کان استدعا  ڪئي وئي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت سان رابطو ڪرڻو آهي ان ڪري عدالت القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري.

ياد رهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب جي ٽيم عمران خان کي 9 مئي تي گرفتار ڪري چڪي آهي ۽ هن وقت هو 2 هفتن جي لاءِ ضمانت تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔