اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊن جي حڪم تي 4 اپريل جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ حالتون بهتر بنائڻ جي لاءِ حڪومت ۽ پي ٽي آءِ کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. عدالت سياسي پارٽين سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ايڊووڪيٽ جنرل کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ملڪي ادارن ۽ اثاثن کي ساڙيو پيو وڃي. عدالت کي صرف آئين نه پر حالتن کي به ڏسڻو آهي. ادارن جي تذليل ۽ سرڪاري ملڪيتن کي ساڙيو پيو وڃي. جڏهن جنگي حالتون هجن ته قانون خاموش ٿي ويندو آهي
چيف جسٽس چيو ته ملڪ ۾ چونڊن جو وقت هن وقت آهي. پريشاني جهڙي ڳالهه آهي ته جهڙي طرح سياسي طاقت استعمال ٿي رهي آهي، ٻاهر ڏسو ڪهڙو ماحول آهي. 2 اهم شيون فنڊز ۽ سيڪيورٽي جون هيون، اڄ اوهان درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي اختيارن جو پنڊورا باڪس کوليو آهي. اهو اوهان جي مرڪزي ڪيس ۾ موقف نه هو. سپريم ڪورٽ جي اختيارن تي ڪنهن ٻئي کي ڳالهائڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته وفاقي حڪومت کي اهڙن معاملن تي عدالت اچڻ گهرجي ها پر اهي نه آيا. نظرثاني جو آپشن اوهان وٽ هو جيڪو اوهان استعمال ڪيو. ملڪي ادارن ۽ اثاثن کي ساڙيو پيو وڃي. وفاقي حڪومت بي وس نظر اچي رهي آهي. ٻاهر ڏسو سمورين شين کي باهيون ڏنيون پيون وڃن. رب پاڪ مشڪل وقت ۾ صبر جي تلقين ڪندو آهي. وفاقي حڪومت بي وس نظر اچي رهي آهي. چئن پنجن ڏينهن کان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کي به ڏسنداسين.
پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته موجوده صورتحال ۾ نگران حڪومت غيرقانوني آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ٿيڻ گهرجي.
چيف جسٽس چيو ته مشڪل حالتن ۾ رد عمل نه صبر ڪيو ويندو آهي. هن وقت صورتحال ڇڪتاڻ جو شڪار آهي مون ماڻهن جون گولين سان زخمي تصويرون ڏٺيون آهن اليڪشن جمهوريت جو تسلسل آهي اخلاقي برتري جي لاءِ انتظاميه ۽ اپوزيشن کي چوان ٿو ته بهتر اخلاقي حل ڳوليو. وڪيل علي ظفر چيو ته آئين تي عمل سڀني جو فرض آهي. ماڻهو آئين جي عملداري ۽ ڀڃڪڙي جي وچ ۾ بيٺل آهن.
چيف جسٽس چيو ته ماڻهن جي زندگين جو تحفظ ضروري آهي هن ماحول ۾ آئين تي عمل ڪيئن ڪرايو وڃي. اٽارني جنرل صاحب اوهان ڳالهيون ٻيهر شروع ڇو نٿا ڪرايو؟ اٽارني جنرل چيو ته ڳالهيون شروع ٿيڻ گهرجن. مان ئي اهو پهريون شخص هئس جنهن ڳالهين جي آڇ ڪئي. ڳالهين جي لاءِ ٻنهي طرفن کان سلجهيل ماڻهو موجود آهن.
عدالت سياسي پارٽين سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي اڱاري(23 مئي) تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- شيئر