آءِ ايم ايف معاهدو نٿو ڪرڻ چاهي ته نه ڪري، وڌيڪ مشڪل فيصلا نٿا ڪري سگهون: اسحاق ڊار

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف معاهدو نٿو ڪرڻ چاهي ته نه ڪري، اسان وڌيڪ مشڪل فيصلا نٿا ڪري سگهون.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي معاهدو ڪرڻو آهي ته ڪري، جيڪڏهن نٿو ڪرڻ چاهي ته نه ڪري اسان ان جي مطالبي تي وڌيڪ مشڪل فيصلا نٿا ڪري سگهون. مئي ۽ جون ۾ 3.7 ارب ڊالر جي بيروني ادائيگين جو پلان آهي. ان ادائيگين ۾ ڪابه پريشاني نه آهي.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جيترا اڳواٽ قدم کڻڻ لاءِ چيو اهي سمورا قدم کڻي ورتا آهن هاڻ وڌيڪ قدم نٿا کڻي سگهون.

هن چيو ته آءِ ايم ايف کي معاهدو ڪرڻو آهي ته ڪري جيڪڏهن نٿو ڪرڻ چاهي ته نه ڪري، ان جي مطالبي تي اتان وڌيڪ مشڪل فيصلا نٿا ڪري سگهون. هن اميد ظاهر ڪئي ته چين پاڪستان کان وڌيڪ 2.4 ارب ڊالرن جو قرض رول اوور ڪري ڇڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔