توشه خانه ڪيس ۾عمران خان تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد: توشه خانه ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي .توشه خانه ڪيس جي سماعت پوليس لائن هيڊ ڪوارٽر ايڇ اليون جي گيسٽ هائوس ۾ ٿي جتي عمران خان کي پيش ڪيو ويو ، ڪمشنر آفيس حفاظتي سببن جي ڪري پوليس لائنز کي عدالت جو درجو ڏنو آهي ،ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور اڄ عمران خان تي فرد جرم عائد ڪرڻ لاءِ کيس ذاتي طور تي طلب ڪيو هو . عدالت عمران خان تي توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي ،توڙي جو عمران خان ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪاغذن تي صحيحون ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو .گذريل ٻڌڻي تي عدالت توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي قابل ۽ اختيار جي دائري بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون هيون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔