پي ٽي آءِ جا ٻئي ڏينهن به مظاهرا: ريڊيو پاڪستان تي حملو: 2 ڄڻا مارجي ويا: 8 زخمي: هزارين گرفتاريون

ڪراچي: القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن به پرتشدد مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، ڪي پي ۾ مڇريل مظاهرين مريض کڻي ويندڙ ايمبولينس ٽوڙي ڇڏي، پوليس موجب مظاهرين مريضن کي لاهڻ بعد ايمبولينس کي تباهه ڪيو، جڏهن ته ريڊيو پاڪستان تي مڇريل ماڻهن حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي

هوڏانهن پشاور ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڇڪتاڻ دوران 2 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 8 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن

لاهور، فيصل آباد، ملتان، گجرانوالا سميت پنجاب جي وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته نگران حڪومت جي درخواست تي پنجاب ۾ فوج ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن

خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت موجب ڪالهه کان هيل تائين ٿيل پرتشدد مظاهرن دوران 30 کان وڌيڪ گرفتاريون عمل ۾ آنديون ويون آهن

پنجاب پوليس ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ 945 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيوآهي، جڏهن ته  ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ماڻهن کي سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي سڃاڻپ بعد گرفتاري عمل تيز ڪيو ويو آهي

ٻئي پاسي حيدرآباد پوليس پاران گرفتار ڪيل تحريڪ انصاف جي 16 ڪارڪنن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت 20 -20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔