پنجاب ۾ ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ کان پوءِ فوج جون خدمتون طلب

ڪراچي: پنجاب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي گذريل ڏينهن کان جاري مظاهرن ۽ ڇڪتاڻن کانپوءِ نگران حڪومت امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فوج جون خدمتون طلب ڪري ورتيون آهن

نگران حڪومت جي پڌرائي ۾ اِن ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته امن امان لاءِ فوج جون خدمتون طلب ڪرڻ بابت لاڳاپيل اختيارين کي لکيو ويو، جڏهن ته وفاقي گهرو وزارت درخواست جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔