چنڊ جي اندر ڇا آهي؟ سائنسدانن ڄاڻي ورتو

فرانس: چنڊ جي سطح اندر ڇا آهي يا ائين چئجي ته اهو ڇا سان ٺهيل آهي؟
سائنسدانن ان سوال جو جواب ڄاڻي ورتو آهي.
چنڊ جي اندروني سطح هڪ ٺوس بال جيان آهي جنهن جو وجود آئرن جهڙو آهي.
اها ڳالهه نئين تحقيق مان سامهون آئي آهي.
شمسي نظام جي سيارن ۽ چنڊن جي اندروني سطح بابت ڄاڻڻ لاءِ زلزلي جي ڊيٽا مان مدد ورتي ويندي آهي.
زلزلي جي لهرن سان ڪنهن به سياري يا چنڊ جي اندر موجود مٽيريل بابت ڄاڻڻ ۽ اندروني سطح جو تفصيلي نقشو بڻائڻ جو موقعو ملي ٿو.

چنڊ جي اندروني سطح ٺوس ٿيڻ تي بحث ڪيو پيو وڃي ۽ ان سوال جي جواب کي ڄاڻڻ لاءِ فرانس جي نيشنل سينٽر فار سائنٽيفڪ ريسرچ جي محققن خلائي مشنز ۽ چنڊ تي ليزر تجربن جي ڊيٽا کي گڏ ڪيو.
ان کان پوءِ هنن مختلف قسمن جي اندروني سطحن جو مادل تيار ڪيو ۽ پوءِ ان جي ڀيٽ ڊيٽا سان ڪئي وئي.
نتيجن مان گهڻو ڪجهه خبر پئي ته ته ٺوس اندروني سطح جون شاهديون مليون.
محققن ٻڌايو ته نتيجن مان تصديق ٿي آهي ته چنڊ جي اندروني سطح زمين جهڙي آهي ۽ ان سان چنڊ جي ارتقا تي اثر پوندا آهن.
ان سطح جي ڪثافت 7822 ڪلوگرام في ڪيوبڪ ميٽر آهي جيڪا آئرن جهڙي آهي.
هنن اهو به دريافت ڪيو ته چنڊ جي سطح هيٺان هڪ ٺوس تهه موجود آهي جنهن کانپوءِ ٺوس اندروني سطح تائين پهچ ٿئي ٿي.
ان تحقيق جا نتيجا نيچر رسالي ۾ ڇپيل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔