سنڌ ۾ اڄ کان گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ، پارو 44 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان

ڪراچي: موسميات کاتي سنڌ ۾ اڄ کان گرمي وڌڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد 44 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ به 3 ڏينهن تائين گرمي پد 36 کان 38 ڊگري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي چيو آهي ته اپريل ۾ ملڪ ۾ معمول کان وڌيڪ 12.5 سيڪڙو برساتون رڪارڊ ڪيون ويون جڏهن ته اپريل ۾ سڀني کان وڌيڪ برسات دير ۾ 19.1 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

اپريل ۾ ڏينهن ۽ رات جو گرمي پد معمول کان 0.26 گهٽ رهيو. ٻئي طرف گلگت بلتستان جي ضلعي استور جي ميداني علائقن ۾ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ وڌيڪ برفباري جاري آهي.

ڪيترن ئي مٿانهين علائقن سان زميني رابطو ڪاٽا ٿيڻ سان مقامي ماڻهن ۽ سياحن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان کان علاوه غذر جي مٿانهين علائقن ۾ به برفباري جو سلسلو جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔