آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي سان سندس ڀيڻ فوزيه صديقي کي ملاقات جي اجازت ملي وئي

 آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي سان سندس ڀيڻ فوزيه صديقي کي ملاقات جي اجازت ملي وئي، فوزيه صديقي کي آمريڪا جي 5 سالن جي ويزا به ملي وئي

ان سلسلي ۾  ايڊيشنل اٽارني جنرل جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهي ڏني وئي آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته عافيه صديقي سان 29 کان 31 مئي تائين ٽن ڏينهن دوران ملاقات طئي ٿي وئي آهي، فوزيه صديقي ۽ آمريڪي وڪيل ڪلائيو سمٿ عافيه صديقي سان ملاقات ڪندا

 جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آمريڪي قيد مان آزادي ۽ پاڪستان منتقلي واري ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

 درخواست گذار جي وڪيل پاران عافيه صديقي جي نفسياتي چيڪ اپ لاءِ آزاد ڊاڪٽر جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي استدعا، عدالت پرڏيهي وزارت کي عافيه صديقي لاءِ آزاد نفسياتي ڊاڪٽر جون خدمتون وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔