پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ڀارت جي دوري تي روانو

ڪراچي:پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت روانو، بلاول ڪراچيءَ مان ڀارتي شهر گوا لاءِ روانو ٿيو

 روانگي کان اڳ پنهنجي وڊيو بيان ۾ بلاول چيو ته منهنجو ڀارت وڃڻ اهو پيغام ڏئي ٿو ته پاڪستان ايس سي او کي ڪيڏي اهميت ڏئي ٿو

وڊيو پيغام ۾ هن جو چوڻ هو ته ڀارتي دوري دوران منهنجو ڌيان رڳو شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس تي هوندو، ڀارت ياترا دوران دوست ملڪن سان اهم منصوبن سان گڏ تعميري ڳالهين لاءِ به پراميد آهيان

 ڀارت روانگي کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري سياسي اڳواڻن سان رابطا به ڪيا، مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، خالد مقبول، خالد مگسي ۽ ٻين پنهنجي راءِ کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔