چوڌري شجاعت(ق) ليگ جو صدر برقرار، پارٽي جي آئين ۾ ترميم ڪالعدم، اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ(ق) پارٽي صدارت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، چوڌري شجاعت ئي(ق) ليگ جو صدر رهندو. اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ(ق) جي آئين ۾ ترميم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ(ق) جي آئين ۾ ترميم جي چوڌري وجاهت جي درخواست رد ڪري ڇڏي فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي حڪم امتناع دوران مسلم ليگ(ق) جي آئين ۾ ترميم قانون جي خلاف آهي.

چوڌري پرويز الاهي ۽ ان جي ڪجهه ساٿين طرفان تحريڪ انصاف سان ملڻ کان پوءِ چوڌري شجاعت حسين کي مسلم ليگ(ق) جي صدارت تان هٽائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو هو پر ڪميشن ان جي استدعا نامنظور ڪري ڇڏي آهي.

چوڌري وجاهت حسين 26 جنوري تي پارٽي جي آئين ۾ ترميم ڪئي هئي ۽ آئيني ترميم جي تحت صدر جي مدي کي گهٽ ڪري 2 سال ڪيو ويو هو. چوڌري وجاهت حسين آئيني ترميم ڪري انٽرا پارٽي چونڊ ڪرائي ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔