پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد جا گرفتاري وارنٽ جاري

پشاور: مالاڪنڊ جي جوڊيشل مئجسٽريٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

مراد سعيد خلاف قلم 204  ضابطه فوجداري جو وارنٽ جاري ڪيو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ تي قلم 124 اي، 153، 500، 504 ۽ 506 جي تحت 28 اپريل تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

جاري ڪيل وارنٽ ۾ چيو ويو آهي ته مراد سعيد کي گرفتار ڪري عدالت جي آڏو پيش ڪيو وڃي. هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو هو ته مراد سعيد ۽ مون کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي پٺيان ڊرٽي بيري هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔