مهانگائي جا سمورا رڪارڊ ٽٽي ويا، پاڪستان سريلنڪا کان به اڳتي

اسلا م آباد: ملڪ ۾ مهانگائي بابت جاري ڪيل نئين رپورٽ پاڪستان کي هلائي ڇڏيو آهي، ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ سريلنڪا به پاڪستان کان پوئتي رهجي ويو.

آمريڪي ميگزين بلوم برگ طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب سريلنڪا ۾ گذريل مهيني مهانگائي جي شرح 35 سيڪڙو رهي، جيڪا پاڪستان جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب پاڪستان مهانگائي ۾ ڊيفالت ٿيندڙ ملڪ سريلنڪا کي به پوئتي ڇڏي ڏنو

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال پاڪستاني روپيو بدترين زوال جو شڪار رهيو، ڊالر جي ڀيٽ ۾  20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. ٻئي طرف سريلنڪا به پنهنجي معاشي بحران تي قابو پائيندي نظر اچي رهيو آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هلندڙ مهيني پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 36.4 سيڪڙو ٿيڻ کان پوءِ 59 سالن جو رڪارڊ ٽٽي چڪو آهي. اپريل ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي وڌيڪ 2.41 سيڪڙو وڌي جيڪا ملڪي تاريخ ۾ 1964ع کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ آهي.

شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جولاءِ کان اپريل مهانگائي جي شرح 20.23 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هڪ سال ۾ صرف سگريٽ جي قيمت ۾ 159.89، جڏهن ته چانهه جي قيمت ۾ 108.76 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

اهڙي طرح اٽو 106.07 سيڪڙو، ڪڻڪ 10.352 سيڪڙو، آنا 100 سيڪڙو مهانگا ٿيا آهن. رپورٽ موجب چانور ۽ مڱن جي دال جي قيمت ۾ 87 سيڪڙو ۽ 57 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔