جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس ۽ جوڊيشل ڪميشن کي نئون خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي خالي آسامين جي حوالي سان چيف جسٽس ۽ جوڊيشل ڪميشن جي ميمبرن کي خط لکي ڇڏيو آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس ۽ جوڊيشل ڪميشن ميمبرن کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ 2 ججز جون جڳهيون گذريل 19 مهينن کان خالي آهن. گرمي جي موڪلن کان اڳ اجلاس گهرائي ججز جي مقرري جو عمل شروع ڪيو وڃي

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 53 هزار ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ 2 ججز جون جڳهيون 19 مهينن کان خالي آهن. پنهنجي آئيني ذميواري کي سمجهندي سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جا نالا سپريم ڪورٽ لاءِ تجويز ڪريان ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ جي واحد نمائندگي ڪندو. تجويز ڪيل ٻئي جج ڪجهه مهينن ۾ ريٽائرڊ ٿي ويندا ان ڪري جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس جلد گهرايو وڃي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔