جيڪڏهن چونڊن لاءِ فنڊز فراهم نٿا ڪيا وڃن ته ان جا نتيجا سنگين نڪري سگهن ٿا: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته اميد ٿا ڪيون ته حڪومت پنجاب ۾ چونڊن بابت پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪندي، حڪومت پنهنجو فيصلو ڪرڻ بعد عدالت کي آگاهه ڪري، حڪومت ائين نه ٿي ڪري ته پوءِ ان جا سٺا نتيجا نه هوندا

چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنجاب ۾ اليڪشن بابت دفاع واري وزارت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ چونڊن لاءِ فنڊز جي منظوري وٺڻ بدران معاملو پارليامينٽ ڏانهن اماڻيو ويو، عدالت کي چيو ويو هو ته سپليمينٽري گرانٽ کانپوءِ منظوري ورتي وينديچ

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته  ڇا اليڪشن لاءِ ئي ائين ٿيندو آهي يا عام حالتن ۾ به ائين ٿيندو آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي حڪومت کي هدايت جاري ڪئي هئي

 جسٽس منيب اختر چيو ته اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ حڪومت جي اڪثريت آهي، حڪومت کي گرانٽ جاري ڪرڻ کان ڪيئن ٿو روڪي سگهجي؟ وزيراعظم وٽ اسيمبلي ۾ اڪثريت هئڻ گهرجي، آئين حڪومت کي اختيار ڏئي ٿو ته اسيمبلي قرارداد ڪيئن ٿي منظور ڪري سگهي؟

اٽارني جنرل چيو ته گرانٽ جي بعد ۾ منظوري وٺڻ رسڪي هو، جسٽس منيب اختر چيو ته توهان جيڪا ڳالهه ڪيو پيا اها مشڪوڪ لڳي رهي آهي، اٽارني جنرل صاحب سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو، معاملو گهڻو سنجيده آهي، وزيراعظم وٽ اسيمبلي ۾ اڪثريت هجڻ لازمي آهي

 چيف جسٽس چيو ته حڪومتي گرانٽ رد ٿيڻ جو خدشو اسيمبلي جي وجود جي خلاف آهي، هن وقت اهڙو ڪهڙو منفرد خطرو آهي جو اليڪشن نه پئي ٿي سگهي، ڪهڙي گارنٽي آهي ته 8 آڪٽوبر تي حالتون ٺيڪ ٿي وينديون؟ دفاع واري وزارت به اندازو لڳايو آهي، اندازن تي حڪومتون نه ٿيون هلي سگهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔