سنڌ مان کنڊ، ڪڻڪ، اٽو ۽ يوريا ڀاڻ افغانستان اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف

سنڌ جي 8 ضلعن مان کنڊ، ڪڻڪ، اٽو ۽ يوريا ڀاڻ افغانستان ڏانهن اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

چيف سيڪريٽري ڪراچي، جيڪب آباد، قمبر، شڪارپور، لاڙڪاڻو سميت 8 ضلعن جي ڊي سيز کي خط لکي ڇڏيو

ڊي سيز کي سرحدي دنگن تي چيڪنگ وارو عمل سخت ڪري اسمگلرن خلاف سخت ڪاروايون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ڪڻڪ، يوريا ڀاڻ، اٽو ۽  کنڊ وڏي پئماني تي افغانستان  ڏانهن اسمگل روڪي وڃي

خط موجب سرحدي حدن ۾لاڳاپيل فورسز جون  چيڪ پوسٽون قائم ڪري اسمگل کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔