صدر عارف علوي عدالتي سڌارن وارو بِل ٻيهر صحيح ڪرڻ بنا واپس اماڻي ڇڏيو آهي
صدر عارف علوي ڄاڻايو آهي ته قانونسازي جي اهليت ۽ بل جي درستگي جو معاملو اعليٰ عدليه ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي
صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجب معاملو ٻڌڻي هيٺ هجڻ جي احترام ۾ بل تي وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ مناسب ناهي، پارليامينٽ مان منظور ٿيل پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع ٻيهر صدر ڏانهن اماڻيو ويو هو