چونڊ فنڊز: عدالتي حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو، اسٽيٽ بينڪ ۽ ناڻي واري وزارت اڄ جواب جمع ڪرائيندا

اسلام آباد: پارليامينٽ جي منظوري  نه ڏيڻ سبب سپريم ڪورٽ جي چونڊ فنڊز جاري ڪرڻ جي حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو.

سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ اسٽيٽ بينڪ کي سومر تائين 21 ارب روپيه اليڪشن ڪميشن کي جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

اسٽيٽ بينڪ ۽ ناڻي واري وزارت اڄ سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندا جڏهن ته اليڪشن ڪميشن مان به فنڊز وصولي جي باري ۾ اڄ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.

قومي اسيمبلي گذريل ڏينهن ناڻي بابت قائمه ڪميٽي کي فنڊ نه ڏيڻ بابت رپورٽ منظور ڪئي ۽ اليڪشن ڪميشن کي فنڊز ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔