سعودي عرب ۾ عيدالفطر ڇنڇر 22 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان

رياض: سعودي عرب جي فلڪياتي ماهرن چيو آهي ته سعودي عرب ۾ عيدالفطر ڇنڇر 22 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي.

سعودي عرب جي فلڪياتي مرڪز جي ماهرن چيو آهي ته شوال جو چنڊ خميس تي نظر نه اچڻ جو امڪان آهي جڏهن ته جمعي تي چنڊ چٽو نظر ايندو.

سعودي ماهر فلڪيات ماجد ابو زهره عرب ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ٽيڪنيڪي طور تي چنڊ خميس جي شام آسمان تي نظر نه ايندو جڏهن ته اهو سج جي شعاعن سان روشن نه ٿيندو ۽ خصوصي اوزارن کان سواءِ چنڊ کي ڏسڻ مشڪل هوندو. فلڪي حساب سان عيد ڇنڇر 22 اپريل تي ٿيندي.

ان کان اڳ سعودي عرب جي سپريم ڪورٽ ماڻهن کي چيو آهي ته هو خميس جي شام شوال جو چنڊ ڏسڻ جي ڪوشش ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔