اسڪن ڪينسر جي علاج ۾ اهم اڳڀرائي، سائنسدانن جو ڪمال

واشنگٽن: آمريڪي دواساز ڪمپنين موڊرينا ۽ مرڪ انشورنس طرفان تيار ڪيل نئين گڏيل ويڪسين جي تجربي دوران ڪيترن ئي ماڻهن ۾ اسڪن ڪينسر جي خاتمي جو انڪشاف ٿيو اهي.
ٻنهي ڪمپنين اسڪن ڪينسر بابت الڳ الڳ ويڪسينز اڳ ئي تيار ڪيون هيون، جن کي سائنسدانن گڏيل طور تي تيار ڪري مريضن تي ان جي آزمائش ڪئي.
ڄاڻايل ويڪسين جي شروعاتي ٽرائل جا نتيجا ڊسمبر 2022ع ۾ جاري ڪيا ويا هئا، جنهن دوران ڪمپنين 34 مريضن تي ويڪسين جو استعمال ڪيو هو.
هاڻ ڪمپنين ويڪسين جي آزمائش جي ٻئي مرحلي جا نتيجا جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته آزمائش دوران ڪجهه مريضن ۾ ڪينسر ختم ٿيڻ جو انڪشاف به ٿيو.
ماهرن موجب مجموعي طور ٻنهي ڪمپنين جي ويڪسين کي گڏائي لڳائڻ سان اسڪن ڪينسر ۾ 44 سيڪڙو تائين گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه مريضن ۾ بيماري جي خاتمي جو به انڪشاف ٿيو.
تازن نتيجن کانپوءِ ان ئي ويڪسين جو اهم ترين آزمائشي پروگرام شروع ڪيو ويندو ۽ ان جي ڪاميابي کانپوءِ ويڪسين جي عام استعمال جي اجازت ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔