واٽس ايپ صارفين لاءِ وڏي خبر، ڪمپني اهم فيچر پيش ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: جڳ مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ صارفين جي سولائي ۽ استعمال ۾ بهتري لاءِ هڪ ٻيو شاندار فيچر پيش ڪري ڇڏيو آهي.
ڊيسڪرپشن فار فارورڊڊ ميسيجز نالي متعارف ڪرايل فيچر جي مدد سان هاڻي ڪوبه پيغام اڳتي موڪلڻ (فارورڊ) وقت ان سان گڏ تفصيل ۽ پس منظر به شامل ڪري سگهبو، ان طريقي تحت پيغام پڙهڻ واري پيغام جو تَتُ سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿيندي.
بيٽا انفو جي رپورٽ موجب واٽس ايپ اَپ ڊيٽڊ ورزن 2.23.8.22 تحت هاڻي صارفين، وڊيوز، فائيل ۽ تصويرون وغيرا اڳتي موڪلڻ کان اڳ انهن ۾ ڪيپشن به لکي سگهندا.
هن فيچر سان اِهو فائدو ٿيندو ته اوهان پيغام موڪلڻ وارن هڪ کان وڌيڪ صارفين کي لاڳيتو هڪ ئي ڳالهه بيان ڪرڻ کان بچي سگهندو.
يعني جڏهن اوهان فائيل، تصوير، وڊيوز يا جي آءِ ايف اڳتي موڪليندا ته ان تي لکيل ڪيپشن به هٽائي پنهنجو ڪيپشن لکي سگهو ٿا.
واٽس ايپ بيٽا انفو طرفان جاري ڪيل اسڪرين شاٽ ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته اوهان پنهنجي فارورڊ پيغام ۾ مرضي جا تفصيل شامل ڪري سگهون ٿا اڳواٽ لکيل ڪيپشن به هٽائي سگهو ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔