ماڻهن جي مدد ڪرڻ جو نئون انداز، آمريڪي شهري 2 لک ڊالر روڊ تي اڇلائي ڇڏيا

اوريگون: آمريڪا ۾ هڪ شخص ماڻهن جي مدد ۽ لاءِ تيز رفتار شاهراهه تي 2 لک ڊالر اڇلائي ڇڏيا پر پوليس ان عمل کي خطرناڪ قرار ڏنو آهي. ان واقعي کانپوءِ مصروف ترين شاهراهه تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ ماڻهو روڊ تي اڇلايل ڊالر جمع ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا. اهڙي طرح گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. اوريگن اسٽيٽ پوليس موجب ڪولن ڊيوس مِڪ ڪارٿي انٽر اسٽيٽ 5 پريوجين جي علائقي وٽ 192 ميل جي نشان تي اها رقم گاڏيءَ جي دريءَ مان ٻاهر اڏائي هئي. جيئن ته اهو هڪ خطرناڪ عمل هو پر ڪولن تي ڪوبه فرد جرم لاڳو نه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هن مٿان شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني ۾ مداخلت ۽ ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ وجهڻ جو ڏوهه لاڳو ڪري سگهجي پيو. پوليس پاران پڇاڻو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته اها وڏي رقم هن جي پنهنجي اڪائونٽ جي آهي ۽ مان ماڻهن جي مدد ڪرڻ پيو چاهيان. پوليس ڪولن کي سمجهايو ته اهڙي طرح تيز رفتار شاهراهه تي رقم اڇلائڻ سان خطرناڪ حادثا ٿي سگهن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔