“لنگي ڊانس” گيت جي منظوري ڏيڻ لاءِ شاهه رخ کي 3 هفتا لڳا: هني سنگهه

ممبئي: ڀارت جي مشهور ڳائڻي هني سنگهه انڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان مشهور گيت “لنگي ڊانس” جي منظوري لاءِ 3 هفتا ورتا.  هني سنگهه ٻڌايو ته ان گيت کي 30 منٽن ۾ ڪمپوز ڪري فلم پروڊيوسرن کي کپائي ڇڏيو پر گيت کي فلم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ شاهه رخ خان جي اجازت گهربل هئي ۽ هن کي ان گيت جي منظوري ڏيڻ ۾ 3 هفتا لڳا. ڪنگ خان جي التوا باوجود گيت کي فلم ۾ جاءِ ملي وئي ۽ اهو فلم جو ڪامياب ترين گيت بڻجي ويو ۽ شاهه رخ جي مداحن ان گيت کي تمام گهڻو پسند ڪيو. هني سنگهه انڊسٽري ۾ پنهنجي ٽاپ چارٽ گيتن سبب مشهور آهي ۽ هن ٻڌايو ته مان شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ تي گهڻو خوش هيس ۽ ان موقعي تي مان اداڪار جو ٿورائتو آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔