سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل خلاف درخواستن تي لارجر بينچ اڄ ٻڌڻي ڪندي

اسلام آباد: عدالت سڳوري ۾ 8 رڪني لارجر بينچ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 خلاف داخل ڪيل درخواستن تي اڄ ٻڌڻي ڪندو.

جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد به بينچ ۾ شامل آهن.  ڪجهه ڏينهن اڳ اختلافي نوٽ لکندڙ جج لارجر بينچ جو حصو نه آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ تجويز ڪيل قانون پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف 2 آئيني درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.

درخواستون چوڌري غلام حسين ۽ راجا عامر خان نالي شهرين ايڊووڪيٽ طارق رحيم ۽ اظهر صديق جي حوالي سان داخل ڪيون ويون جن ۾ قانون واري وفاقي وزارت، وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ صدر عارف علوي جي پرنسپل سيڪريٽري کي ڌر بنايو ويو آهي.

درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس پروسيجر بل بدنيتي تي ٻڌل آهي. مجوزه بل آئين سان فراڊ آهي.

درخواستن ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته تجويز ڪيل بل کي غيرآئيني، غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم ڪيو وڃي. آئيني درخواست تي فيصلو ٿيڻ تائين تجويز ڪيل قانون کي معطل ڪيو وڃي. صدر عارف علوي کي تجويز ڪيل بل تي صحيح ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔