واڌو ٽيڪسن سبب ملڪي صنعتون تباهه ٿي رهيون آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ملڪي صنعتون واڌو ٽيڪسن سبب تباهه ٿي رهيون آهن.
سنڌ سيلز ٽيڪس 2011ع خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواستن جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته صنعتن تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي معاملي کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جون صنعتون واڌو ٽيڪسن سبب تباهه ٿي رهيون آهن.
سنڌ روينيو بورڊ جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪئي، پوءِ عدالت ڪيس کي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ جون جي پهرئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته سنڌ حڪومت 2011ع کان سروسز تي سنڌ سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو هو، جنهن تي نجي ڪمپنين ان کي چئلينج ڪيو هو.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔