يوم شهادت حضرت علي: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلوس، مجلسون، سيڪيورٽي سخت

ڪراچي: يوم علي جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلوس ۽ مجلسون منعقد ڪيون ويون آهن. ان دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

مٽياري ۾ يوم شهادت حضرت علي عليه السلام جي حوالي سان قديمي شاهه جي اوطاق کان سيد پير سوڌل علي شاهه هاشمي ۽ سيد پير فضل علي شاهه هاشمي پاران ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو. ماتمي جلوس ۾ تابوت مولا شير خدا علي عليه السلام برآمد ڪري وڏي تعداد ۾ ذوالجناح پڻ برآمد ڪيا ويا. ماتمي جلوس ۾ مٽياري جي مشهور نوحه خوانن، انجمنن، انجمن غم دستار حسين عه، انجمن دعا سيده، عاشق حسين مولائي ۽ ٻين نوحه خواني ڪري حضرت علي عليه السلام کي ڀيٽا پيش ڪئي.

ڪراچي ۾ يوم علي جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان اڄ ٻنپهرن جو برآمد ٿيندو، جلوس جي گذر گاهن طرف ايندڙ رستن کي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته جلوس جي گذرگاهن وٽ موبائل فون سروس به معطل رهندي.

يوم علي جي موقعي تي سڄي سنڌ جا تعليمي ادارا اڄ بند رهندا. لاهور کان مرڪزي جلوس اڄ صبح جو مبارڪ حويلي اڪبر منڊي کان برآمد ٿيندو جڏهن ته پشاور ۾ يوم علي جو جلوس ڪراچي  بازار مان برآمد ٿي سحري جي وقت ختم ٿيو.

اسلام آباد جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه زينيبه مان برآمد ٿي امام بارگاهه سيڪٽر جي 6 ۾ ختم ٿيو. ڪوئٽه جي هزاره ٽائون مان به جلوس ڪڍيو ويو. جڏهن ته راولپڻڊي ۾ يوم علي جو مرڪزي جلوس امام بارگاهه ڪرنل مقبول پهچي  ختم ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔