چيف جسٽس ۽ قاضي فائز عيسيٰ جي ٽن ڏينهن دوران ٻي ملاقات

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۾ ٽن ڏينهن دوران ٻي ملاقات ٿي آهي.
ذريعن موجب ٻنهي ججن وچ ۾ ملاقات اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آئين جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ شرڪت جي حوالي سان پنهنجو وضاحتي بيان چيف جسٽس جي مشاورت سان جاري ڪيو.
ياد رهي ته ٻنهي ججن وچ ۾ هفتيوار موڪل دوران به ڊگهي ملاقات ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔